پهريون ڀيرو هندو نوجوان ايئر فورس ۾ پائليٽ آفيسر بڻجي ويو

ٽنڊوباگو (ن س) ٽنڊوباگو شهر جي وارڊ نمبر 4 ڪمڀار محله جو رھواسي دويو آنند پاڪستان ايئر فورس ۾ پھريون ھندو پائليٽ آفيسر بڻجي ويو. ديو آنند پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ چائنا مان گريجوئيشن ڪئي آھي ھن جو وڏو ڀاء انيل ڪمار به پاڪ فوج ۾ پھريون ھندو ليفٽيننٽث ڪرنل گذريل سال مقرر ڪيو ويو آھي. پائليٽ آفيسر ديو آنند پي اي ايف اصغر خان اڪيڊمي رسالپور مان ڪميشن وٺي پاس آئوٽ ٿيو آھي ڄاڻايل پائليٽ آفيسر طور ڪميشن حاصل ڪرڻ تي ھندو برادري سميت ٽنڊوباگو جي شھرين خوشي جو اظھار ڪيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو