افغانستان ۾ روسي جهاز ڪري تباهه، 6 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل(ايجنسيون) افغانستان جي اتر اوڀر واري پهاڙي علائقي ۾ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي. جهاز بدخشان صوبي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي سرحد چين، تاجڪستان ۽ پاڪستان سان لڳندي آهي پر حادثي جي جاءِ بابت ڪا ڄاڻ ناهي. ”صوبائي اطلاعات کاتي جي سربراهه ذبيح الله اميري جو چوڻ آهي ته روسي جهاز هو جنهن ۾ عملي جي ميمبرن سميت 6 مسافر سوار هئا. روسي جهاز ٿائيلينڊ مان هڪ بيمار مريض کي کڻي ماسڪو وڃي رهيو هو ته اوچتو ڪنهن فني خرابي سبب اسانجي ايئر اسپيس ۾ اچي تباهه ٿيو. روسي ميديا جو چوڻ آهي ته پائلٽ تيل گهٽ هجڻ جو ميسيج ڪيو ۽ تاجڪستان ۾ لهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو پر خبر ناهي ڪيئن تباهه ٿيو. ”اسان کي صبح جو مقامي ماڻهن واقعي بابت ٻڌايو آهي، جنهن جاءِ تي جهاز ڪريو اهو بدخشان جي صوبائي هيڊ ڪوارٽي کان 200 ڪلوميٽر پري آهي ۽ 12 ڪلالڪن بعد ٽيم پهتي هئي. جنهن علائقي ۾ جهاز ڪريو آهي اهو افغانستان جو انتهائي اونچائي وارو علائقو آهي ۽ سمنڊ جي سطح کان 7492 ميٽر مٿانهين تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو