پنڻ کان محنت ۾ مزو آهي، 30 سالن کان بيماري ۾ مبتلا مريض

ڊرگھ بالا: (ن س)  واهي برادي جو ڳوٺاڻو پر اسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، سڄي جسم تي رت جا ڳوڙھا ٿي پيا اٿس جن مان رت سمي پيو. هن بيماري سبب گهر جو الھ تلھ کپائي ڇڏيو پر مرض مان جان نه ڇُٽي سگهي. پنجاھ ورهين جو نور محمد ٻٻر اڻويهه ورهين جي عمر ۾ خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا رهڻ باوجود هو زندگي مان تنگ ناهي ٿيو. هن ٻڌايو ته دادو ضلعي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان علاج ڪرايو پر وقتي فائدو ٿيو، غربت سبب وڌيڪ علاج جي مالي طاقت ناهي. مان غربت ۽ بيماري سبب پنڻ کان محنت کي ترجيح ڏيان ٿو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اهي وڪڻي ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو. ھن دادو ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته انساني همدردي تحت علاج لاء منهنجي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو