ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينئر وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي گرفتاري تي ادارن جي تعريف ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته انمول عرف پنڪي جي عدالت ۾ پيشي دوران لاپرواهي جو سخت نوٽيس ورتو ويو آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته جن پوليس آفيسرن عورت جوابدار کي هٿڪڙيون لڳائڻ کانسواءِ پيش ڪيو، انهن کي معطل ڪيو ويو آهي، اسان عورت کي گرفتار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر اسان ڪامياب نه ٿي سگهياسين.
هن چيو ته اسان منشيات خلاف شروع ڪيل هر مهم کي اهميت ڏني، گهرو وزير نوٽيس ورتو ۽ انهن ٻنهي پوليس آفيسرن کي معطل ڪيو، اسان جي خامين کي اجاگر ڪيو، اسان جوابده آهيون، پوليس سٺو ڪم ڪري رهي آهي.










