پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان ٻاهر نه وينداسين: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان ٻاهر نه ٿا وڃون، مختصر مدي وارا سڌارا آڻي سگهون ٿا، جنهن جي مستقبل جو فيصلو ايندڙ چونڊيل حڪومت ڪندي.اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت جي بنيادي آئيني ذميواري آهي ته چونڊن ۾ مدد فراهم ڪري، آئيني طور تي هو حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نٿا آڻي سگهن.هن چيو ته سمورن شعبن لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، معاشي ۽ مالياتي معاملا پنهنجي دائري ۾ رهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل کي اڳتي وڌائڻ اهم ترجيح آهي. انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته زراعت، مائننگ ۽ معدنيات جهڙا شعبا ڪائونسل جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهن، ملڪ ۾ اسٽرڪچرل سڌارن جي وڏي ضرورت آهي، ايف بي آر ۽ توانائي جي شعبن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.نگران وزيراعظم چيو ته توانائي جي شعبي ۾ ڪجهه ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون نجڪاري لسٽ ۾ شامل آهن، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته مائننگ ۽ معدنيات ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته آئين موجب مردم شماري کانپوءِ چونڊ تڪ بنديون ضروري آهن، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جو عمل مقرر وقت تي مڪمل ڪندي، پاڪستان ۾ سموريون رجسٽرڊ سياسي پارٽيون چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ آزاد آهن.هن چيو ته اسان جي اولهندي سرحد کان ملڪ اندر حملا ٿي رهيا آهن، افغانستان ۾ آمريڪا ۽ اتحادين طرفان ڇڏيل جديد هٿيار هڪ وڏو چيلينج آهي، اتحادين طرفان ڇڏيل هٿيار علائقائي سلامتي جي صورتحال تي گهرا اثر ڇڏي رهيا آهن. اتحادي فوجن جي واپسي کانپوءِ ناڪاري صورتحال کي برداشت ڪرڻو پوندو، ان چيلنج کي منهن ڏيڻ ۾ اسان هار نه ٿا ڪري سگهون.انوار الحق ڪاڪڙ جو اهو به چوڻ آهي ته هو پنهنجي آبادي جي تحفظ لاءِ سمورا مناسب اپاءَ وٺي رهيا آهن، طالبان عبوري دور مان گذري رهيا آهن، کين وقت ڏيڻ گهرجي، عالمي برادري کي اسان کي ذميوار ملڪ طور ڏسڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو