پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 101 ڪيس ظاهر

پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 101 ڪيس ظاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 101 ڪيس سامهون آيا آهن.صحت کاتي موجب راولپنڊي ۾ 39، لاهور ۾ 31، ملتان ۾ 12 ۽ گوجرانوالا ۾ 11 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 100 مريض علاج هيٺ آهن. صحت کاتي موجب پنجاب ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 2 هزار 658 ڪيس سامهون آيا آهن.رڳو راولپنڊي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 45 ڊينگي وائرس جي ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.صحت کاتي موجب راولپنڊي ۾ هلندڙ سيزن ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 534 ٿي ويو آهي.صحت کاتي ٻڌايو آهي ته ڊينگي وائرس ۾ مبتلا 9 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ضلعي انتظاميا موجب ڊينگي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي وڌيڪ 51 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ هڪ عمارت کي سيل ڪيو ويو آهي.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته خلاف ورزي تي 7 چالان ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن ۽ هڪ لک 52 هزار رپيا ڏنڊ به لڳايو ويو آهي.ضلعي انتظاميا موجب هن وقت تائين 2876 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 531 عمارتن کي سيل ڪيو ويو آهي.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪل 870 چالان ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن ۽ 49 لک 7 هزار رپيا ڏنڊ به لڳايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو