پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 70 مريض ظاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 70 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.ان حوالي سان پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ 36، راولپنڊي ۾ 17، فيصل آباد ۾ 5 ۽ ملتان ۾ 2 ڊينگي جا مريض سامهون آيا آهن.سيڪريٽري صحت پنجاب ٻڌايو آهي ته گوجرانوالا ۾ 4، شيخوپوره ۽ گجرات ۾ 2 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.هن وڌيڪ ٻڌايو ته مظفر ڳڙهه ۽ سرگوڌا ۾ هڪ هڪ ڊينگي جو مريض سامهون آيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پنجاب جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 77 مريض علاج هيٺ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو