اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو.اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ۽ شيڊول ڏيڻ لاءِ تيار آهن، گهرو وزارت 12 جولاءِ تائين مخصوص سيٽن جو انگ ٻڌائيندي.اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کان مطالبو ڪيو ته اميدوارن لاءِ چونڊ خرچن جي حد جا ضابطا فراهم ڪيا وڃن.اجلاس ۾ پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ چونڊ گروپن جي رجسٽريشن 17 جولاءِ تي مڪمل ڪئي ويندي.اليڪشن ڪميشن اختيارين چيو ته پنجاب حڪومت کي لکيو وڃي ته اي وي ايمز ۽ آءِ جي ووٽنگ بابت ترميمن تي غور ڪيو وڃي، پنجاب حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۽ رولز ۾ ضروري ترميمون ڪري.اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ هو ته هنن پنجاب حڪومت کي ٻڌايو آهي ته مڪاني چونڊن دوران اي وي ايم جو استعمال ممڪن ناهي، هنن پنجاب حڪومت کي ٻڌايو آهي ته آءِ ووٽنگ جي سهولت نٿي ڏئي سگهجي.اليڪشن ڪميشن جي اختيارين موجب پنجاب حڪومت مڪاني ادارن جي ضابطن ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت ووٽنگ جو طريقيڪار به ڏنو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم سان گڏ ترميم ڪئي وڃي، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۽ رولز هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ نه ٿيڻ گهرجن.اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته ان معاملي تي پنجاب جي صوبائي حڪومت کي لکيو وڃي.
