لاهور: (ويب ڊيسڪ) سموري پنجاب مان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين کي ڪڍڻ (نيڪاليءَ) جو عمل جاري آهي. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، لاهور سميت سڄي پنجاب مان 35 هزار 216 افغانين سميت غير قانوني طور مقيم پرڏيهي باشندن کي ڊي پورٽ (ملڪ بدر) ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن وقت 208 غير قانوني طور رهندڙ ماڻهو مختلف هولڊنگ پوائنٽس تي موجود آهن. ترجمان موجب، ڊي پورٽ ڪيلن ۾ 13 هزار 766 مرد، 7 هزار 61 عورتون ۽ 14 هزار 389 ٻار شامل آهن.اعداد و شمار مطابق، واپس موڪليل ماڻهن ۾ 10 هزار 954 اهڙا ماڻهو شامل آهن جن وٽ رهائش جا ثبوت موجود هئا، جڏهن ته 11 هزار 131 ماڻهو افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊر هئا. ان کان علاوه 13 هزار 131 غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين کي به ڊي پورٽ ڪيو ويو. پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروايون حڪومتي پاليسي ۽ لاڳاپيل قانونن تحت جاري آهن. سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي ادارن ۽ ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان رجسٽريشن، جاچ پڙتال ۽ واپسيءَ جي عمل جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ترجمان وڌيڪ چيو ته غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن جي نشاندهي ۽ کين واپس موڪلڻ لاءِ قائم ڪيل هولڊنگ پوائنٽس تي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته وطن واپسيءَ جي عمل کي منظم ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا متحرڪ آهن.










