پنجاب ۾ مها ٻوڏ، ريسڪيو آپريشن جاري، سنڌ ۾ 4 سيپٽمبر تي پاڻي پهچندو

پنجاب ۾ مها ٻوڏ، ريسڪيو آپريشن جاري، سنڌ ۾ 4 سيپٽمبر تي پاڻي پهچندو

لاهور(ويب ڊيسڪ)تازين برساتن ۽ ڀارت پاران ڊيمز مان پاڻي خارج ڪرڻ سبب پنجاب جي ٽن دريائن چناب، راوي ۽ ستلج ۾ وڏي ٻوڏ اچي وئي آهي. پنجاب حڪومت 8 ضلعن، قصور، نارووال، حافظ آباد، فيصل آباد، سيالڪوٽ، اوڪاڙا، سرگوڌا ۽ لاهور ۾ امدادي ڪمن لاءِ فوج کي گهرائي ورتو آهي ته جيئن بچاءَ ۽ رليف آپريشنن ۾ سول اختيارين جي مدد ڪري سگهي، پنجاب هن وقت ڳري برساتن ۽ ڀارت طرفان ٻن ڊيمز مان پاڻي ڇڏڻ جي گڏيل صورتحال سبب هڪ غيرمعمولي ٻوڏ جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي هدايتن تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته قوم جا 2 پٽ شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا آهن، فوج ۽ ان جا سڀئي آفيسر ۽ سپاهي ڏک جي هن گھڙي ۾ عوام سان گڏ آهن.هن چيو ته ورڪنگ بائونڊري ۾ ڪا به پوسٽ خالي نه ڪئي وئي آهي، پرڏيهين ۽ دهشتگردن خلاف به آپريشن جاري آهن.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جو ڪهڙو به ڪنڊو هجي، اسان عوام سان گڏ آهيون، ڪا به باطل قوت ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ پيدا نٿي ڪري سگهي، ٻوڏ دوران ڏينهن رات ڪم ڪيو پيو وڃي، جنگ جي حالت ۾ هجي يا امن جي، پاڪ فوج عوام سان گڏ آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻوڏ يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن، هڪ انجنيئر برگيڊ، 19 انفنٽري، 7 انجنيئرنگ يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ آرمي هيلي ڪاپٽر 26 پروازون ڪيون آهن.هن چيو ته گجرانوالا ۾ 6 انفنٽري يونٽ ۽ 2 انجنيئرنگ يونٽ مقرر ڪيا ويا آهن.ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، بهاولپور ۽ بهاولنگر ۾ 4 يونٽ تيار رکيا ويا آهن، ۽ خيبر پختونخواهه ۾ پڻ يونٽ ۽ ميڊيڪل بٽالين موجود آهن.ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج جي انجنيئرن ۽ سول انتظاميا سڀئي رستا صاف ڪري ڇڏيا آهن، 104 رستا صاف ڪيا ويا آهن ۽ قراقرم هاءِ وي پڻ کوليو ويو آهي.هن چيو ته ڪرتارپور ۾ هڪ وڏو بچاءُ آپريشن جاري آهي، ٻوڏ متاثرين ۾ 225 ٽن راشن ورهايو ويو آهي، 20,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ هوائي امدادي آپريشن پڻ ڪيا ويا آهن.

ڊي جي آئي ايس پي آر ميجر جنرل ارشد شريف ڇوڌري تازي صورتحال بابت بريف ڪري رھيو آھي 

موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ ٻوڏ لاءِ الرٽ جاري

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته پنجاب واري ٻوڏ جو پاڻي 4 کان 5 سيپٽمبر تائين سنڌ پهچندو ۽ سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بيراجن تي به مها ٻوڏ جو وڏو امڪان آهي. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت حفاظتي اپاءُ وٺي جيئن نقصان کان بچي سگهجي.

پاڪستان ۽ ڀارت جي ٻنهي ملڪن کي گذريل هفتن ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. تربيلا ڊيم جا اسپل ويز کوليا پيا وڃن، جنهن بعد سنڌو درياءَ ۾ به ٻوڏ جو خدشو آهي پر هن وقت سنڌو درياءَ ۾ گهٽ ٻوڏ واري صورتحال آهي. وزيراعظم متاثر ضلعن جي دوري ۽ رليف نگراني جو حڪم ڏيندي وفاقي ڪابينا جي وزيرن کي متاثره علائقن جي دوري جي هدايت ڪئي آهي. پي ڊي ايم اي موجب چناب ۽ راوي ڪنارن تان 32,000 کان وڌيڪ ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. سيالڪوٽ ۾ 49 ورهين جي برسات جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. سڄي پنجاب ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي.
تفصيلي صورتحال جو جائزو
پي ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته ڀارت راوي درياهه تي پنهنجي ٿئين ڊيم جا سڀ در کولي ڇڏيا آهن، جڏهن⁠ته ماڌوپور ڊيم مان به پاڻي ڇڏڻ بابت پاڪستان کي خبردار ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت، مٿين علائقن ۾ ڳري برساتن سبب چناب ۾ هيٺين طرف پاڻي وڌي رهيو آهي، جنهن سان هزارين ماڻهو خطري ۾ آهن. اربع تي صبح 10 وڳي تائين: چناب تي هيڊ مرالا ۽ خانڪي، راوي تي جسر، ۽ ستلج تي گنڊا سنگھ والا ۾ “غيرمعمولي وڏي ٻوڏ” جي صورتحال رڪارڊ ڪئي وئي. خانڪي تي پاڻي جي آمد 975,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ ٿي وئي ۽ وڌندي رهي ٿي، جڏهن⁠ته هيڊ مرالا تي 600,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي آمد رڪارڊ ڪئي و.ئي. هاڻي ان ۾ لاٿ ٿيندي نظر پئي اچي. جسر ۽ گنڊا سنگھ والا ٻنهي تي 200,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪرو رڪارڊ ٿيو آهي. چناب تي قادرآباد هيڊ ورڪس “تمام وڏي ٻوڏ” ۾ داخل ٿيو، جتي 500,000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪرو رڪارڊ ٿيو. انڊس درياهه جا چشما، تونسا، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي هيڊ ورڪس “گهٽ ٻوڏ” ۾ هئا پر پنجاب جي ٽن دريائن جي وڏي ٻوڏ وارو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ پهچڻ بعد انڊس ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي.
حڪومتي اپاءَ

وزيراعظم شهباز شريف چناب درياءَ، ستلج ۽ راوي درياءَ ۾ ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي وزيرن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف طرفان وفاقي وزيرن کي فوري طور تي پنجاب جي متاثر علائقن ۾ وڃي امداد ڪمن جي نگراني جو حڪم ڏنو آهي، وزيراعظم هدايت جاري ڪئي آهي ته دريائي گذر گاهن جي ڪناري آباد ماڻهن کي فوري طور تي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ تيز بنايو وڃي. شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ادارا پاڻ ۾ رابطه وڌائي امدادي ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪن. انهي کان علاوه وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي به هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيئرمين اين ڊي ايم اي کي پي ڊي ايم اي سان مڪمل مدد ۽ خطري وارن علائقن مان ماڻهن کي فوري محفوظ هنڌن تي پهچائڻ جا به حڪم جاري ڪيا ويا آهن. مختلف علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ امدادي ڪارروائين تي جائزه اجلاس ۾ ڳالهين ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب سخت متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازو برسات، فليش فلڊز ۽ دريائن ۾ چاڙهه سبب وڏي پيماني تي جاني مالي نقصان ٿيا. هن چيو ته 2022 جي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن ڀيري خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سبب گهرن جا گهر مٽجي ويا، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ چيلينج آهي، اڪيلو ڪجهه نٿا ڪري سگهون.

متاثر ماڻهن جي منتقلي
پنجاب پي ڊي ايم اي ڊي جي عرفان علي ڪٺويا ٻڌايو ته 20,000 کان 25,000 ماڻهو اڳ ئي چناب ۽ راوي جي ٻوڏ واري علائقن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا آهن. هن خبردار ڪيو ته راوي تي جسر مان وڏي ٻوڏ اڄ رات 10 کان 12 وڳي تائين لاهور ۽ شاهدره مان گذرندي، جڏهن⁠ته بلوڪي هيڊ ورڪس مان اها لهر سڀاڻي صبح 9 وڳي گذرندي.
ٻوڏ جو تاريخي جائزو
پي ڊي ايم اي، جي ڊي جي ٻڌايو ته ايتري وڏي پاڻي جي لهر 38–39 سال اڳ ڏٺي وئي هئي۔ 1988 ۾ 346,000 ڪيوسڪ، 1994 ۾ 132,000 ڪيوسڪ ۽ 1995 ۾ 171,000 ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ٿيو هو. هاڻي اميد آهي ته پاڻي 180,000–190,000 ڪيوسڪ تائين پهچندو، جيڪو شاهدره جي 250,000 ڪيوسڪ گنجائش اندر آهي، تنهنڪري وڏو نقصان ٿيڻ جو خطرو گهٽ آهي.
برساتن بابت نئين اڳڪٿي
پي ايم ڊي موجب ايندڙ ڪلاڪن ۾ نارووال، سيالڪوٽ، لاهور، قصور، جهلم، حافظ آباد، گوجرانوالا، گجرات، شيخوپورا، آزاد ڪشمير ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ طوفاني هوا ۽ برسات جاري رهندي. پي ايم ڊي خبردار ڪيو ته عوام احتياط ڪن ۽ تازه ترين اپڊيٽس تي نظر رکن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سيالڪوٽ ۾ 363.5 ملي ميٽر برسات ٿي، جيڪا 1976 جي 339.7 ملي ميٽر جي رڪارڊ کي
ٽوڙي ڇڏيو ، يعني 49 ورهين جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.

27 آگسٽ تي سيالڪوٽ ۾ ٻوڏ واري گهٽي رهواسي گذري رهيا آهن

27 آگسٽ تي پنجاب جي وزيرآباد ۾ مون سون جي برساتن ۽ پاڻيءَ جي سطح وڌڻ کان پوءِ  هڪ خاندان پنهنجي سامان سان گڏ چناب درياءَ جي ويجهو هڪ روڊ تي پناهه وٺي ويٺل آھي

سکن جو مقدس ۽ تاريخي هنڌ ڪرتارپور گرودواره ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو

ڀارت اسان کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ لاءِ پاڻي موڪلي پيو: احسن اقبال

منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڀارت پاڻي کي هٿيار بڻايو آهي، جنهن سان وڏي پيماني تي تباهي ٿي. نارووال ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي احسن اقبال چيو ته ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته ڀارت پاڻي گڏ ڪري موڪليو رهيو آهي ته جيئن اسان جو وڌ کان وڌ نقصان ٿئي. هن چيو ته ڀارت آبي جارحيت جو مظاهرو ڪيو، سنڌ طاس معاهدي تحت جيڪڏهن ڀارت پاڪستان سان ورڪنگ انفارميشن شيئر ڪري ها ته اسان جو نقصان اڌ ٿئي ها. سندس چوڻ هو ته ڀارتي سرحد کان وٺي هيستائين سڄو علائقو نالي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي پر ٻوڏ جي صورتحال باوجود وڏي پيماني تي ڪو جاني نقصان رپورٽ ناهي ٿيو.احسن اقبال چيو ته هيءَ اها آفت آهي، جنهن کي موسمياتي تبديلي ٿا چئون، ايندڙ سالن ۾ ان جو مقابلو ڪرڻو پوندو.

جهانگير ترين جو ٻوڏ متاثرن لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان

سينيئر سياستدان جهانگير ترين لوڌران جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو. جهانگير ترين پنهنجي بيان ۾ چيو ته متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندس ۽ انهن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته مان پنهنجي ٽيم کي فوري طور رليف سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن ۾ مشينري موڪلي بند ٻڌڻ ۾ مدد، متاثرن ۾ راشن ۽ ضروري شين جي ورهاست شامل آهي، قدرتي آفتن ۾ قومي يڪجهتي ضروري آهي.

ڀرپور ڪوشش آهي ته آخري اسپيل ۾ گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي،مصدق ملڪ

وفاقي وزير مصدق ملڪ چوماسي جي آخري اسپيل کان خبردار ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته آخري اسپيل ۾ گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي. پنهنجي بيان ۾ مصدق ملڪ چيو ته سيپٽمبر جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾ چوماسي جو آخري اسپيل اچڻ جو امڪان آهي ۽ حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ان دوران گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي. هن چيو ته وزيراعظم سڀني چيف سيڪريٽرين کي هدايتون ڏنيون آهن ته برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، هن وقت ستلج، راوي ۽ چناب ۾ چاڙهه آهي، جنهن سبب ڪيترائي علائقا متاثر ٿي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته حڪومت رڳو جائزو نه پئي وٺي پر عملي قدم به کڻي رهي آهي ته جيئن ڪو وڏو نقصان نه ٿئي.

خطرو اڃا ٽريو ناهي، پاڻي ۾ ڀارتي شهرين جا لاش به وَهي آيا آهن: خواجا آصف

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڻي جو خطرو گهٽيو آهي پر اڃا ٽريو ناهي، ٻيهر ٻوڏ اچڻ جو انديشو آهي، پاڻي ۾ ڀارت جي ماڻهن جا لاش به وهي آيا آهن. سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته موجوده برسات جو ويجهي ماضي ۾ مثال نٿو ملي، ان کان اڳ ڪڏهن ايترو پاڻي ناهي آيو، ڀارت مان وڌيڪ پاڻي رليز ٿيڻ جا امڪان آهن. هن چيو مون کي شهرين ٻڌايو ته ڀارت کان ايندڙ پاڻي ۾ اتان جي شهرين جا لاش به وهي آيا آهن، پاڻي گهڻي حد تائين لهي ويو آهي پر خطرو اڃا ٽريو ناهي، ٻيهر ٻوڏ اچڻ جو انديشو آهي، صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.

پهنجو تبصرو موڪليو