لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي پنجاب سان واسطو رکندڙ پلواشه خان کي سنڌ مان سينيٽ ٽڪيٽ ڏيڻ تي اٿيل اعتراضن جا جواب ڏيندي چيو ته پلوشه خان جي سنڌ مان نامزدگي تي اعتراض اجايو آهي. لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته ووٽ جي جڳهه تبديل ٿيندي رهي آهي، يوسف رضا گيلاني جو ووٽ به اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڳ ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ راحيلا مگسي، غلام مصطفيٰ خان جتوئي مرحوم سميت ڪيترن جو به پنجاب مان نامزد ٿيڻ جو مثال موجود آهي.










