پلان موجب بالنگ ۽ بيٽنگ ڪري راند کيڏي، بابراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پلان تي عمل ڪندي بالنگ ۽ بيٽنگ ٻنهي ۾ سٺي راند کيڏي.لاهور ۾ ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته غلطين تي ضابطو آندو ويندو، ورلڊ ڪپ ويجهو آهي، ڪوشش هوندي ته غلطيون نه ٿين. هن چيو ته اسان لاءِ مڊل آرڊر ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، فيلڊنگ ۾ اڃا به محنت ۽ بهتري ڪرڻي آهي.ٻئي طرف نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مائيڪل بريس ويل چيو آهي ته اسان جي نوجوان رانديگرن سيريز مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.هن چيو ته سموريون ميچون هائوس فل هيون، هتي اچڻ هميشه سٺي ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو