پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جو حملو، جوابي ڪارروائي دوران ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن دهشتگردن سان مقابلو ڪيو پشاور پوليس موجب دهشتگردن متني پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن جوابي فائرنگ ڪئي ۽ فائرنگ جاري رکي.خاص ڳالهه ٻولهه ۾ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس پي) صدر ڊويزن ملڪ حبيب ٻڌايو ته پشاور پوليس اسٽيشن تي فائرنگ ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، دهشتگرد حملي ۾ پوليس اهلڪار محفوظ رهيا. ايس پي صدر ڊويزن جو چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ فائرنگ بند ٿي وئي آهي.
