پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ بي آر ٽي سروس اڄ صبح کان عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي.ترجمان بي آر ٽي ٽرانس پشاور موجب بي آر ٽي جي آءِ ٽي سسٽم کي اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪوريڊور ۾ مرمت جو ڪم پڻ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب بي آر ٽي جون سموريون سهولتون ڪوريڊور ۽ سمورن فيڊر رستن تي بند رهنديون.ترجمان موجب مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد سروس بحال ڪئي ويندي.










