پشاور ۽ فيصل آباد مان بجلي چوري ۾ ملوث 72 ڄڻا گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پشاور ۽ فيصل آباد ۾ بجلي چوري ۾ ملوث 72 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.پشاور پوليس جي بجلي چورن خلاف ڪارروائين جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي.پوليس رپورٽ موجب شهر ۾ 15 ڏينهن دوران بجلي چورن خلاف 262 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون ۽ بجلي چوري ۾ ملوث 54 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي چوري جون 269 شڪايتون مليون آهن، بجلي چوري ۾ ملوث 332 ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف فيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته فيصل آباد ۾ ڪارروائي دوران وڌيڪ 1014 بجلي چور پڪڙيا ويا آهن، بجلي چورن کي 1 ڪروڙ 16 لک رپين جا بل جاري ڪيا ويا آهن.ترجمان جو چوڻ آهي ته سنگين بجلي چوري ۾ ملوث 18 صارفين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 769 خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو