پسند جو پرڻو ڪندڙ ته نه مليو، سندس مائٽ کي ڪٽڪو

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير ) سرحد شهر مان گذريل هفتي پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪري ويل 19 ساله ناري مهوش جو ڪو پتو نه پيو. ناري جي مائٽن پاران ڇوڪري جي مائٽ کي ڪٽڪو ڏئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پنج ڏينھن اڳ مهوش ملڪ ۽ نور حسن ماڇي شادي جي ارادي سان گھران نڪري ويا هئا. ناري جي وارثن سومر تي سرحد شھر ۾ پريمي نورحسن ماڇي جو مائٽ شھزادو ماڇي جيڪو پنهنجي سبزي جي دڪان تي بيٺو ھيو ته ناري جو ڀاءُ ارسلان ملڪ پنھجي برداري جا ماڻهو وٺي اچي کيس ڪٽڪو ڏئي ٿاڻي تي وٺي آيا. پوليس تشدد ڪندڙ ن بجاءِ زخمي شھزادي ماڇي کي ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو. شھزادي ماڇي جو چوڻ ھو ته ڇوڪري کڻي ويندڙ سان سندس ڪو به واسطو ناھي مون سان ناحق وڙھيا آهن . ھوڏانھن ناري جي ڀاءُ ارسلان ملڪ، پپو ڀائي ۽ اڪرم غوري سميت سرحد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ته منهنجي ڀيڻ مھوش کي نور حسن ماڇي وارا اغوا ڪري ويا آهن جنهن جو ھن مھل تائين پتو نه پئجي سگھيو آهي پوليس اسان جو ھن مھل تائين ڪيس داخل نه ڪيو  آهي. پوليس جو چوڻ  آهي ته ناري پنهنجي مرضي سان گھران نڪري وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو