اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.قطر جي تعمير گروپ جي باني محمد حسين العلي جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قطر پاڪستان جو هڪ پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن، ۽ پاڪستان جي سياحت، هوٽل ۽ مهمان نوازي، ۽ ريئل اسٽيٽ ۽ تعميراتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي.وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولتون ۽ مدد فراهم ڪئي وڃي.تعمير گروپ جي باني گروپ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ جاري منصوبن بابت آگاهي ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعمير گروپ پاڪستان ۾ مهمان نوازي ۽ هوٽلن، ريئل اسٽيٽ ۽ تعميراتي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان حوالي سان ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.محمد حسين ال علي پاڪستان ۾ گروپ جي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.قطر جي تعمير گروپ جي باني محمد حسين ال علي ملڪ جي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاروبار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ حڪومت ايس آءِ ايف سي تحت سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ مثبت قدم کڻي رهي آهي.اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.










