اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نگران سڌ سماءُ واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرقانوني پرڏيهين جي گرفتاري ۽ ملڪ نيڪالي يقيني بڻائينداسين. هڪ بيان ۾ نگران سڌ سماءَ واري وزير چيو ته غيرقانوني ۽ پرڏيهين جي نيڪالي ۾ رڳو 25 ڏينهن باقي آهن، غير قانوني پرڏيهين کي 31 آڪٽوبر تائين پاڪستان ڇڏڻو پوندو. هن چيو ته غيرقانوني پرڏيهين جي گرفتاري ۽ ملڪ نيڪالي يقيني بڻائينداسين.
