اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ٻڌايو آهي ته هلندڙ مهيني به پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران وطن موڪليل رقم 2 ارب دالر کا وڌيڪ آهي ۽ هلندڙ سال جي گذريل 8 مهينن دوران مسلسل موڪليل رقم 2 ارب ڊالر رڪارڊ ٿي آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اهو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو موجوده حڪومت تي اعتماد جو مظهر آهي.










