پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چئلينج ڪيو ويو.ان حوالي سان مقامي وڪيل شاهد رانا سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ بينچ جوڙڻ چيف جسٽس جو انتظامي اختيار آهي، آئين ۾ ترميم کانسواءِ اپيل جو حق سوموٽو ۾ ممڪن ناهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ايڪٽ سپريم ڪورٽ جا اختيار کسڻ جي مترادف آهي.وڪيل شاهد رانا سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو