پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي: پرويز الاهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو ارادو ناهي.اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي پرويز الاهي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته مون کي سي آءِ اي ٿاڻي ۾ رات دير سان رکيو ويو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون سان ڪنهن سان ملاقات ڇو ٿي، مان ڪنهن سان ملڻ نٿو چاهيان.پرويز الاهي چيو ته آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف پئسا کڻي اچن ته ملڪ جون مالي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون.صحافي سوال ڪيو ته پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو ارادو آهي؟ ان تي پرويز الاهي چيو ته بلڪل ڪو ارادو ناهي.ٻئي طرف ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي پوليس اهلڪار پرويز الاهي کي عدالت مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد هن پوليس اهلڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان دريءَ تان ٽپو نه ڏيندس.پوليس آفيسر پرويز الاهي کي چيو ته توهان کي ٻاهر ڪڍڻ جو آرڊر مليو آهي، جنهن تي اڳوڻي وڏي وزير پڇاڻو ڪيو ته اهو آرڊر ڪهڙي آفيسر ڏنو؟ مون وٽ آڻيو.پرويز الاهي چيو ته فيصلو ٻڌائڻ تائين مون کي عدالت جي ڪمري ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو