ڳڙھي خيرو(جاويد لغاري) ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ مولا بخش پلال ۾ چوري جي پراڻي تڪرار تان زمين تي ڪم ڪندڙ پيرسن بشير احمد پلال ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل، مقتول جو لاش گھر ڀرسان پنجن ڪلاڪن تائين پنهنجي زمين ته پيو رھيو پوليس کي بر وقت اطلاع ملڻ باوجود دير سان پھتي مقتول جي وارثن جو چوڻ ھو ته چوري جي پراڻي معاملي تان ليڙواڻي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري اسان جي ڳڀرو نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪيو آهي. جڏهن ته ان معاملي جو ڊي آئي جي لاڙڪاڻي به انڪوائري ڪئي هئي.










