پراسيڪيوٽر جنرل نيب سيد اصغر حيدر جي استعيفيٰ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي احتساب بيورو (نيب) جي پراسيڪيوٽر جنرل سيد اصغر حيدر جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.قانون واري وزارت اصغر حيدر جي استعيفيٰ منظور ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.پراسيڪيوٽر جنرل نيب جسٽس رٽائرڊ سيد اصغر حيدر 9 سيپٽمبر تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جيڪا وزيراعظم آفيس کي ملي وئي.پراسيڪيوٽر جنرل نيب سيد اصغر حيدر جو مدو فيبروري 2024ع ۾ پورو ٿيڻو هو.نيب پراسيڪيوٽر جنرل سيد اصغر حيدر استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو ته هن ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏني آهي.190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، ريفرنس هلندڙ مهيني داخل ٿيڻو هو، پراسيڪيوٽر جنرل جي منظوري کانسواءِ نيب عدالت ۾ ريفرنس داخل نٿو ڪري سگهي.پراسيڪيوٽر جنرل نيب کانسواءِ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ۽ ڪيسن جي منظوري به تعطل جو شڪار ٿي وئي.نيب ترميمي قانون جي خاتمي کانپوءِ ڪيسن جي بحالي لاءِ به پراسيڪيوٽر جنرل جي منظوري گهربل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو