پاڻي کوٽ ڪري سنڌ ۾ انتھائي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيل آهي

حيدرآباد ( پ ر )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي. 50 سيڪڙو کان بہ مٿي پاڻي جي کوٽ ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ انتھائي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سنڌ حڪومت پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪرائي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب سدائين سنڌ جي پاڻ تي ڌاڙا ھنيا آھن۔ تونسا، پنجند ڪئنال ٻوڏ جي صورت ۾ سنڌ جي اجازت سان وھائڻا آھن پر پنجاب سمورن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي 12 مھينا ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻي رھيو آھي۔ جنھن ڪري سنڌ جون زمينون بنجر ٿي ويون آھن، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڌاڙيل واھ بند ڪيا وڃن۔ سنڌ کي ملندڙ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ڪينالن شاخن واھن ۾ واري پئي اڏامي. شاخن جو کاٽيون نہ ڪرايون ويون آهن جنهن جي نتيجي ۾ پوڇڙ ۾ پاڻي نٿو پھچي. فصل سڪي ويا آهن. چوپايو مال اڃ سبب مري ريو آهي. پاڻي نہ ھجڻ ڪري جر کارا ٿي ويا آھن، پاڻي جي کوٽ جي ڪري آبادگارن جو وڏو نقصان ٿيو آھي. آبادگار بک بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي جي سخت کوٽ ھجن ڪري اتر سنڌ ۾ اڃا تائين سارين جو ٻيجارو بہ ناھي پوکجي سگھيو ۽ لاڙ ۾ سارين جو رونبو ٿي نہ سگھيو آهي. وونئڻن ۽ ڪمند ۽ ڀاڄين جا فضل متاثر ٿي سگھن ٿا، جنهن سان آبادگارن کي نقصان ٿيندو، خوشحال سنڌ جا ماڻهو پنڻ تي مجبور آهن. پ پ پ جي حڪمرانن سنڌ جي ماڻهن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪمران پنھنجي زمينن لاءِ زبردستي کڻي وڃن ٿا. جنھن ڪري ننڍا آبادگار، پڇڙي جا آبادگار پريشان آهن، سنڌ جو پاڻي ھٿرادو بند ڪري سڄي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ پاڻي کان سواء زندگي جو تصور ممڪن ناھي، ان باوجود سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو آھي۔ ارسا مٿان کان ئي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولت ڪار بنيل آھي۔ جيڪو پاڻي ملي ٿو، اھو وزير، سينيٽر ۽ حڪومت جا ٻيا نمائنده زبردستي پنھنجون زمينون آباد ڪرڻ لاء چوري ڪري وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ پاڻي تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا۔ پڇڙي جي آبادگارن ۽ ننڍن آبادگارن سان وڏي ناانصافي ٿي رھي آھي۔ ڪرپٽ آبپاشي ڪامورا انھن کي پاڻي ڏين ٿا۔ جيڪي ھنن کي رشوت ڏين ٿا۔ ٻين جا فصل سڪي تباھ ٿي وڃن ٿا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو