ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ضرور آهي. سعيد غني چيو ته واٽر ڪارپوريشن مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، هاڻ هو گلشن اقبال ۾ پاڻي جي فراهمي کي سينٽرل ضلعي کان الڳ ڪري رهيا آهن، هو حب ڊيم مان روزانو 100 ملين گيلن پاڻي حاصل ڪري سگهن ٿا، واٽر بورڊ پراڻي ڍانچي کي بهتر ڪري رهيو آهي .










