پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج، چيف جسٽس کي اپيل

ڪراچي(نمائندن وٽان) مورو، ماتلي ۽ ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف واهن ۾ پاڻي اڻلڀ، آبادگارن جو احتجاج، اڳ وارن وڏن زميندارن تي پاڻي غير قانوني طريقي سان چوري جو الزام، رينجرز مقرر ڪري پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ جو مطالبو. سارين جو ٻيجارو سڙڻ لڳو چيف جسٽس کي انصاف جي اپيل. مورو مان مورائي اياز سولنگي موجب آبادگار فورم طرفان  ڏھين ڏينھن بہ سهڙا ليٽ مائينر ۾ 26 سالن کان پاڻي نه هئڻ خلاف 5 يونين ڪائونسلن يو سي ڪوٽ ستابو، يوسي لليا، يوسي ڏيپارجا، يوسي صالح پور ۽ يوسي نوان جتوئي جي آبادگارن ھارين پير مظفر حسين منٺار مري، وڪيل گلزار عالماڻي،  وڪيل سليم رضا ڀنگر، پير محمد علي شاھ، نصراللہ کوکر، عزيز اللہ عالماڻي، شفيع محمد ڀٽي، غلام حيدر ڀٽي، صدام ڀٽي، علي نواز عالماڻي، آفتاب اوٺو، ڪامريڊ محمد چانڊيو، ۽ پي پي شھيد ڀٽو جي عبدالخالق چانڊيو، ۽ خير محمد جي اڳواڻي ۾ مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک ھڙتال جاري رکي وئي.

جتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ آبادگارن جي بک  هڙتال ڪئمپ تي پهچي  يڪجھتي طور آبادگارن سان گڏ احتجاج ۾ شامل ٿيو جتي آبادگارن ايم اين اي کي ٻڌايو تہ سھڙا ليٽ مائينر ۾ گذريل 26 سالن کان پاڻي ناھي زمينون بنجر بڻجي چڪيون آھن ڏڪر واري صورتحال برقرار آھي ۽ ايريگيشن آفيسر پنھنجي ھوڏ تان نہ ٿا لهن جيڪي اسان جي پاڻي جو حصو وڏن آبادگارن وڏيرن کي غير قانوني نوليون لڳائي وڪرو ڪندا اچن پيا ھن مھل تائين ڪنھن بہ حڪومت اسان جو جائز مسئلو حل ناھي ڪيو جنھن ڪري اسان مرڻ گھڙي تائين احتجاجي بک ھڙتال شروع ڪئي آھي، ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ چيو تہ اسان آبادگارن سان گڏ آھيون انھن کي ڪنھن بہ صورت م اڪيلو نہ ڇڏينداسين جيستائين انھن کي پاڻي مھيا نہ ٿو ٿئي هن چيو ته ان سلسلي م آبادگارن جي قانوني مدد پڻ ڪئي ويندي. نيشنل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي تعلقي ناظم ڊاڪٽر ڄام نور محمد پڻ آبادگارن جي بک ھڙتال ڪئمپ تي احتجاج م شامل ٿيو. جنھن چيو تہ مان بہ سھڙا ليٽ مائينر جو آبادگار متاثر  آھيان ھن علائقي جي آبادگارن ھارين سان وڏي عرصي کان ظلم زيادتي آھي پاڻي نہ ھجڻ ڪري ھزارين ايڪڙ زمين غير آباد بڻيل آھي ماڻھون لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن پر آبپاشي کاتي جي لاپرواھي ۽ پاڻي وڪرو ڪرڻ ڪري سھڙا ليٽ مائينر ۾ پاڻي نہ ٿو پھچي مان آبادگارن سان جدوجھد ۾ گڏ آھيان.*** ماتلي مان عبدالرزاق پنهور موجب مبارڪ واھ ۾ ايريگيشن عملي پاران بااثر زميندارن کي پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪرڻ خلاف سوين آبادگارن هٿن ۾ سارين جو ٻيجارو کڻي ايريگيشن آفيس کان بدين روڊ المدينه چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو , ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي .

ڌرڻي کي خطاب ڪندي آبادگارن امان الله لاکو , مامون لغاري , آصف ورياه , علي نواز چانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مبارڪ واهه جي پوچڙ ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب سندن سارين جو ٻيجارو سڙي ويو آهي ۽ هو سارين جو فصل پوکي نه سگهيا آهن هنن مبارڪ واهه جي سيڊا چيئرمين تي الزام هڻندي چيو ته سيڊا چيئرمين خود مبارڪ واهه جي منڍ جو زميندار آهي پاڻ 3 لفٽ مشينون لڳائي سندس زمين آباد ڪرائي رهيو آهي هنن چيو ته مبارڪ واهه جي منڍ ۾ بااثر زميندارن جون 58 غيرقانوني لفٽ مشينون هلي رهيون آهن اختياريون انهن خلاف ڪو به قدم نٿيون کڻن , آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻي کوٽ سبب سندن چوپايو مال , پکي پکڻ به اڃ مري رهيا آهن جنهن جا ذميوار ايريگيشن ۽ سيڊا جون مقامي اختياريون آهن هنن سنڌ حڪومت کان مبارڪ واهه جي پوڇڙ جي آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن پاڻي چوري جي الزام هيٺ آيل مبارڪ واهه جي سيڊا چيئرمين ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو , ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پوچڙ جي آبادگارن جو مسئلو جائز آهي منڍ جا بااثر آبادگار پاڻي کڻي وڃن ٿا هنن ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين کي لکيو آهي جلد ئي مبارڪ واهه تي رينجرز مقرر ڪرائي آپريشن ڪري پوڇڙ جي آبادگارن کي پاڻي ڏياريو ويندو. ****ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب مختلف شاخن ڄام واهه ڪڙيو واهه علي بحر واهه ماڻڪ واهه گاجا واهه کراڙي واهه شورڪي واهه جويا واهه امام واهه گنج بحر واهه حسن علي واهه ۽ گوني واهه سميت شاخن ۾ پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو زرعي فصل ساريال جي ٻيجاري سميت ٻيا به فصل سڪي تباه ٿيڻ لڳا جنهن سبب آبادگارن جون زمينون بنجر ٿيڻ جو ڏيک ڏيڻ لڳيون.

پيئڻ لاء جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري مال متاء جي مرڻ سميت انساني جانيون به خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳيون پاڻي جي سخت اڻاٺ سبب ڪيترائي آباد ڳوٺ لڏ پلاڻ جي سوچ ۾ ٻڏل پوڇڙ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيڻ لڳو ايريگيشن انتظاميه جي نا اهلي سبب پاڻي جي ورڇ کي يقيني نه بنائڻ خاطر انساني زندگين سميت زرعي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ ڪري ماڻهون مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور وياجن تي ٻج کڻي پنهنجي ٻچن جو بکيئو پيٽ پالڻ لاء ڪيل ڪوششون به پاڻي نه هئڻ سبب ناڪام بنجي ويون پوکيل ساريال جو هائيبرڊ ٻج ۽ ٻيو فصل به مڪمل طور تباهي جي صورت اختيار ڪرڻ لڳو. **** ٽنڊو باگو مان فرحت خواجا موجب نصير واھ تي 75 آر ڊي وٽان ڌاڙو ھڻي آبپاشي کاتي پاران  سلطاني کي غيرقانوني طور پاڻي وڪرو ڪرڻ خلاف نصير واھ جي اسي آر ڊي  جي آبادگارن جو اڄ ٽي ڏينهن به اڊوڙي ٽيل جُهڏوڪراچي روڊ تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ويو.

ان موقعي تي ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب بدين بنجر بڻجي ويو آهي جيستائين بدين کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملندو احتجاج جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو