چين سان دوستي کي نقصان پهچائيندڙن جي هر سازش ناڪام ٿيندي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪابه سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني پهتو جتي چين جي قونصل جنرل سندس آجيان ڪئي.گهرو وزير جي ترجمان موجب محسن نقوي چيني قونصل جنرل سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ چيني شهرين کي سيڪيورٽي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ان دوران گهرو وزير چيني شهرين جي حفاظت بابت قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو.ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي تمام گهڻي عزيز آهي، چيني شهرين جي اچڻ وڃڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي. محسن نقوي چيو ته چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بنائڻ اسان جو فرض آهي. پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪابه سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي. ترجمان موجب چيني قونصل جنرل سيڪيورٽي پلان تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو