پاڪ ڀارت فائربندي جو گڏيل قومن پاران ڀليڪار

پاڪ ڀارت فائربندي جو گڏيل قومن پاران ڀليڪار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوئتريس پاڪستان ۽ ڀارت پاران ڪنٽرول لائن تي فائر بندي جي اعلان جي ڀليڪار ڪدي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻئي ملڪ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن پاران جاري ڪيل گڏيل پڌرنامو سٺو سنوڻ آهي. فائر بندي لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي، پاڪستان ۽ ڀارت جَي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جو هاٽ لائين تي رابطو بحال ٿيڻ ڀلي ڳالهه آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٻنهي ملڪن ۾ ڪنٽرول لائين ۽ ٻين سيڪٽرز تي جنگبندي بابت معاهدن تي سختي سان عمل ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو، جٽادار امن لاءِ پيدا ٿيل غلط فهميون به ختم ڪرڻ جو عزم ظاهرڪيو ويو هو. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان ۽ ڀارت جَي ڊي جِي ايم اوز ڪنٽرول لائين سميت سمورن سيڪٽرز جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ملڪ هاٽ لائين جَي موجوده ميڪنزم کي اثرائتو بڻائڻ تي متفق آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو