پاڪ سرزمين پارٽي کي ٽوڙڻ تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڪ سرزمين پارٽي کي ٽوڙڻ جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاڪ سر زمين پارٽي کي ٽوڙڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد ۾ پاڪ سر زمين پارٽي جو نمائندو اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو ۽ چيو ته پاڪ سر زمين پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ ضم ٿي وئي آهي.پاڪ سرزمين پارٽي جي نمائندي چيو ته پارٽي کي مڪمل طريقيڪار ۽ ٺهراءُ بعد ٽوڙيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو