زلزلو: فوتين جو انگ 37 ٿي ويو،امدادي ڪاروايون جاري،منگلا مان بجلي بحال

اسلام آباد (اياز مهر) نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن اندر زلزلي جا آفٽر شاڪس ايندا رهندا، جڏهن ته جن علائقن ۾ زلزلي سبب نقصان ٿيو آهي، انهن ۾ ريسڪيو آپريشن ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رکيو ويندو. ٻئي طرف  چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا جي هدايتن مطابق پاڪ فوج جي جوانن متاثره علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ميرپور آزاد ڪشمير جي ڪمشنرچوڌري محمد طيب موجب ميرپور ۾ زلزلي سبب فوت ٿيلن جو انگ 37 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 450 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. ان کان اڳ ميرپور جي ڊي سي قيصر اورنگزيب ٻڌايو هو ته مري ويلن جو انگ 26 ۽ زخمين جو تعداد 500 آهي. اين ڊي ايم اي موجب زخمين جو انگ 459 آهي. جن مان 100 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ريسڪيو واري ڪم ۾ حصو وٺندڙ اين ڊي ايم اي عملدارن جو چوڻ آهي ته جاني ۽ مالي نقصان ۾ واڌ جا انديشا موجود آهن. ان حوالي کان حاصل ٿيل ابتدائي رپورٽن مطابق آزاد ڪشمير ۽ پنجاب جي علائقن ۾ ڪافي نقصان ٿيو آهي. زلزلي جو مرڪز جهلم کان 5 ڪلوميٽر اتر طرف هو ۽ گهرائي 10 ڪلوميٽرهئي. زلزلو 8 کان 10 سيڪنڊ جاري رهيو. اڱاري تي شام جو 4 وڳي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، آزاد ڪشمير سوڌو پنجاب ۽ ملڪ جي مٿانهن علائقن۾ زلزلي جا خوفناڪ لوڏا محسوس ڪيا ويا. اسلام آباد، سوات، خيبر، ايبٽ آباد، مانسهره، بٽ گرام، تورغر، ڪوهستان، خوشاب، سرگوڌا، فيصل آباد، گجرانوالا ۽ ميانوالي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ميرپور آزاد ڪشمير ۾ زلزلي سبب هڪ مسجد کي نقصان پهتو، جڏهن ته ميرپور جي جاتلا واري علائقي ۾ روڊن کي ڏار پئجي ويا ۽ ڪيترن ئي گهرن کي نقصان به پهتو آهي.ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.8 رڪارڊ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. زلزلي سبب سڀ کان گهڻي تباهي ڪشمير جي ميرپور واري علائقي ۾ ٿي آهي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهون زخمي ٿيا آهن جن مان 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. زلزلي سبب منگلا ڊيم وٽان بجلي ٺاهيندڙ ٽربائنز بند ٿي ويون هيون جنهن ڪري ملڪ ۾ بجليءَ جو بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو پر انهن ٽربائنز اڄ صبح کان ٻيهر بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪئي آهي. جنهن ڪري بجلي بحران جو خطرو ٽَري ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو