اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.سرڪاري ذريعن موجب افغان دهشتگرد ڪافي عرصي کان پاڪستان ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث آهن ۽ ان ڳالهه جي تصديق ٿي چڪي آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن ۾ افغان دهشتگرد ملوث آهن. سرڪاري ذريعن موجب پاڪستان ۾ ڪجهه مهينن دوران 24 آپگهاتي بمبارن مان 14 افغاني هئا. ذريعن موجب 12 مئي 2023 تي مسلم باغ ۾ ٿيل حملي ۾ تحريڪ طالبان افغانستان جا 5 دهشتگرد ملوث هئا، 5 مان 3 افغان دهشتگرد 12 جولاءِ 2023 تي ژوب ڪينٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ ملوث هئا، جڏهن ته 30 جنوري 2023 تي پوليس لائن پشاور تي آپگهاتي حملي آور جو تعلق به افغانستان سان هو ۽ 29 سيپٽمبر 2023 تي هنگو ۾ ٿيل آپگهاتي حملي آور جو به تعلق افغانستان سان هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي جهڙي دهشتگرد نيٽ ورڪ کي افغان دهشتگردن جي حمايت حاصل آهي.
