پاڪستان ۾ آزادي جي ڏينهن جو جشن ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڄ پاڪستان ۾ آزادي جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. صدر ۽ 0ز وزيراعظم ان موقعي تي قوم تي زور ڀريو آهي ته ٻڌي جو مظاهرو ڪيو وڃي. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب فجر جي نماز بعد ملڪ ڀر ۾ پاڪستان جي سلامتي ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ دعائون گهريون ويون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ چئني صوبن، گلگت ۽ آزاد ڪشمير جي گادي وارن شهرن ۾ 21 ، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. قومي عمارتن تي پاڪستاني جهنڊا لڳائي انهن کي خوبصورت انداز ۾ سينگاريو ويو آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي مزارن تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ٿي ۽ واسطيدار وڏن وزيرن گلن ون چادرون چاڙهيون. ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ صدر عارف علوي چيو ته هن موقعي تي اسانکي ڪشميري ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي. سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تقريبون ٿي رهيون آهي نوجوان جهنڊا کڻي موٽر سائيڪلن تي گهمن پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو