ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٻي ميچ ڪراچي منتقل ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان حوالي سان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سان مشاورت ڪئي آهي.نيوزيلينڊ ٽيسٽ ميچ جي منتقلي ۽ هڪ ئي جڳهه تي ٻه ٽيسٽ ڪرائڻ تي اعتراض نه ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ سيريز جي ٻي ميچ ملتان بدران ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، ٽيم انتظاميا ۽ رانديگرن کي به ٽيسٽ ميچ ڪراچي ۾ ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ ميچ منتقل ڪرڻ جو فيصلو موسم جي خرابي ۽ پرواز ۾ دير ٿيڻ سبب ڪيو ويو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جلد شفٽ جو باضابطا اعلان ڪندو.










