پاڪستان جي چونڊن کان اڳ تشدد جي واقعن تي ڳڻتي رهي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊونلڊ لو چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2024ع جي چونڊن جو ڀرپور جائزو ورتو ويو آهي، خاص طور تي پاڪستان ۾ عام چونڊن کان اڳ تشدد جي واقعن تي ڳڻتي آهي.پاڪستان ۾ چونڊن بابت ڊونلڊ لوء جو بيان آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي آڏو پيش ڪيو ويندو، بيان ۾ ڊونلڊ لو چيو ته چونڊن کان اڳ پوليس، سياستدانن ۽ سياسي گڏجاڻين تي دهشتگرد حملا ٿيا، ڪيترن ئي صحافين خاص ڪري عورتن کي نقصان پهچايو. صحافين، پارٽي جي حمايتين پاران حملا ڪيا ويا. ڊونلڊ لو چيو ته بين الاقوامي اليڪشن مبصرن جي تنظيم چيو آهي ته انهن کي ملڪ جي تقريبن اڌ حلقن ۾ مشاهدو ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.هن چيو ته پاڪستان آمريڪا جو اهم ساٿي آهي، اسان پاڪستان جي جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ چيو ته هو القاعده ۽ داعش جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيا آهن.هن چيو ته هو پاڪستان ۾ مذهبي آزادي ۽ انساني حقن جي احترام لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهن.ڊونلڊ لو چيو ته آمريڪا پاڪستاني مصنوعات امپورٽ ڪندڙ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، آمريڪا پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊونلڊ لو چيو ته آمريڪا پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ اهم ترين ملڪ آهي، آمريڪا منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي اپ گريڊيشن ۾ به سهڪار ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو