پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي منظوري جو انتظار آهي، شڪلا

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا پاڪستان طرفان ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو بائيڪاٽ ڪرڻ واري خبر تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.اتر پرديش پريميئر ليگ جي رانديگرن جي نيلامي تقريب ۾ ڳالهائيندي راجيو شڪلا چيو ته بي سي سي آءِ کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي منظوري جو انتظار آهي.نائب صدر چيو ته پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت جي حوالي سان جيڪو چاهي اهو چئي سگهي ٿو جنهن جي ميزباني ڀارت سان گڏ سريلنڪا ڪندو.هن چيو ته پاڪستان 2026ع جي ورلڊ ڪپ دوران ڀارت ۾ اچڻ بابت جيڪو چاهي اهو چئي سگهي ٿو پر اسان کي چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي حڪومت جي منظوري جو انتظار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو