پاڪستان ابابيل ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ابابيل ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ميزائل سسٽم جو مقصد خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام وڌائڻ آهي.آءِ ايس پي آر موجب ويپن سسٽم جي لانچ کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينيئر آفيسرن، اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، سائنسدانن ۽ انجنيئرن شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب تجربي جو مقصد مختلف ڊيزائين، ٽيڪنيڪل پيرا ميٽرز ۽ مختلف ويپن سسٽم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو.چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪامياب تجربي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي سمورن ماڻهن جي فني صلاحيت، لگن ۽ عزم کي ساراهيو.ان کان علاوه صدر، وزيراعظم پاڪستان ۽ سروسز چيفس پڻ اسٽريٽجڪ فورسز جي سمورن ميمبرن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو