پاڪستان آئي ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي لاءِ پراميد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آئي ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي لاءِ پراميد آهي ميديا رپورٽ مطابق آئي ايم ايف جي منظوري کان پوءِ اسٽاف ليول معاهدو ۽ بورڊ اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي پاڪستان 6 ارب ڊالر جي ٻاهرين فنانسنگ تي آئي ايم ايف کي نرمي جي درخوست ڪئي آهي نرمي جي عيوض وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو شرط رکيو ويوآهي آئي ايم ايف اڄ اڱاري تي ايم اي ايف تي پنهنجو ردعمل ڏيندو ذريعن موجب وزيراعطم شهبازشريف ۽ ايم ڊي آئي ايم ايف جي ملاقات ۾ پروگرام بحالي تي اتفاق ٿيو هو خرچن ۾ 85 ارب رپين جون ڪٽوتيون ڪرڻ جي حڪمت عملي به تيار ڪئي وئي آهي حڪومت آئي ايم ايف جو شرط مڃيندي پينشن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن ايم اي ايف پي مطابق هڪ لک ڊالر تائين بغير آمدني ٻڌائڻ جي روانگي جي تجويز واپس ورتي وئي پگهار تي انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ۽ امپورٽ تي پابندي ختم ڪئي وئي آهي ۽ پيٽروليم ليوي کي 50 کان وڌائي 60 رپيا في ليٽر ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو