پاڪستاني نٿا سگهن ته مون عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪيو

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور اداڪارا حمائمه ملڪ جو چوڻ آهي ته مان دنيا ۾ ڪٿي به وڃان پر پاڪستاني ڪڏهن به نه وساري سگهندا ته مون عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪيو آهي.تازو ئي حميما ملڪ کي دبئي ۾ ڪنسرٽ مان لطف اندوز ٿيندي ڏٺو ويو، جنهن جون مختصر وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. اهڙي ئي هڪ وائرل وڊيو ۾ حميما ملڪ کي شو جي ميزبان ۽ ڀارتي آر جي طيب عرشمان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.ڳالهه ٻولهه دوران ڀارتي ميزبان پاڪستاني اداڪارا کان سوال ڪيو ته کيس ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪيئن رهيو، خاص ڪري عمران هاشمي سان فلم ”راجا نٽور لال“ ۾ ڪم ڪرڻ جو ؟ ميزبان جي سوال تي حميما ملڪ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته هوءَ ڏاڍي شاندار آهي، دنيا ۾ جتي به ويندي آهي، ماڻهو عمران هاشمي کي ڏسندي ئي ياد ڪندا آهن.ساڳئي گفتگو دوران هن اهو به چيو ته رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جا نالا مختلف آهن، باقي ٻئي ملڪ ساڳيا آهن، موسيقي، اداڪاري ۽ فلمن جو شوق به ساڳيو آهي.واضح رهي ته ان ئي ڪنسرٽ مان اداڪارا جون ڪجهه تصويرون به وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ هن مغربي شارٽ لباس پهريل آهي، جنهن تي کيس سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو