پاڪستاني قوم پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ لاءِ متحد ۽ هر وقت تيار آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 6 سيپٽمبر جي ڏينهن کي قومي جرئت ۽ بهادري جو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ لاءِ متحد ۽ هر وقت تيار آهي ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پريس رليز مطابق پي پي چيئرمين يوم دفاع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ملڪ جي هٿياربند فوج جي بهادري ۽ قربانين تي سلام پيش ڪيو آهي هن شهيدن جي خاندانن کي به سندن حوصلي ۽ صبر تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي بلاول ڀٽو چيو ته منهنجي لاءِ اها فخر جوڳي ڳالهه آهي ته ملڪ جي دفاع جي باب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگي تاريخي ۽ شاندار رهي آهي هن چيو ته ملڪ جي دفاع کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جوهري پروگرام جو بنياد رکڻ قائد عوام شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جو قوم لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ تحفو هو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالوجي جو تحفو ڏئي وطن جي دفاع کي وڌيڪ هٿي ڏني قائد عوام شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کان پوءِ صدر آصف زرداري ملڪ جو ٻيو سربراهه آهي جنهن هٿياربند فوج جي جوانن جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪري کين پوري قوم پاران سندن عظيم خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو پي پي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ اهو عزم ورجايو ته ان جي پارٽي والاريل ڪشمي رجي ڀارت کان آزادي تائين ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو ساهه واري رڳ آهي ۽ ڪشمير پنهنجي منزل ضرور حاصل ڪندا بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان جي پارٽي پاڪستان دشمنن جي ارادن کي ناڪام بڻائن ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو