پاڪستاني اداڪارائون به بجلي جا بل ڏسي پريشان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ بجلي جي بلن ۾ واڌ جي حوالي سان صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي، ڪيترن ئي ماڻهن کي هن مهيني جا تمام وڏا بجلي بل ڏنا ويا آهن.بجليءَ جا بل ان حد تائين وڌي ويا آهن جو سمجهدار ماڻهن کي به ان صورتحال کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پيو آهي.اداڪارا سعديه امام سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته کيس 67 هزار رپيا بجلي جو بل آيو جنهن کانپوءِ هن وڌندڙ خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي گهر کي سولر انرجي تي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر تبديلي کانپوءِ به کيس 19 هزار رپيا بل وصول ڪيو ويو. ميزبان ندا ياسر جو چوڻ هو ته سندس سڄو خاندان تقريبن اڌ مهيني کان گهر کان ٻاهر موڪلن تي هو.ان جي باوجود کيس 1 لک رپيا بل آيو، جنهن کانپوءِ هو هاڻي بجلي جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي گهر جي بجلي کي سولر انرجي تي تبديل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.فضا علي به 67 هزار رپين جو بل وصول ڪري حيران ٿي وئي جيتوڻيڪ هوءَ ڪافي وقت گهر کان پري رهي ۽ گهر ۾ ايئرڪنڊيشن جو گهڻو استعمال نه ڪيو.ان کان علاوه ناديه خان جو چوڻ هو ته کيس 75 هزار رپين جو بل به آيو جڏهن ته هوءَ هن مهيني اسلام آباد ۾ ڪم ۽ پيءُ سان ملڻ سبب گهر تي موجود نه هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو