نوابشاهه ( اي ڪي ڏاھري) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ پاڪستان، ڪشمير ۽ اڄ جو نوجوان جي عنوان هيٺ هڪ ڏينهن وارو سيمينار منعقد ڪرايو ويو. ڪشمير بابت ڪوٺايل سيمينار ۾ اسڪالرز چيو ته ڪشميري مسلمان اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ظلم خلاف آواز اٿارڻ اسان جو فرض آهي. سيمينار ۾ ڳالهائيندي ڪي نوٽ اسپيڪر عتيق راجا چيو ته ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جي ڪري ڀارتي پت سڄي دنيا سامهون وائـکي ٿي آهي. هن چيو ته ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم خلاف سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم استعمال ڪري دنيا آڏو دشمن ملڪ جو لڪل چهرو سامهون آڻجي.

ان موقعي تي سيمينار جي صدارت رجسٽرار نجم الدين سوهو ڪيو، هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو حل ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڪشمير بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا سيمينار ڪرائڻ ضروري آهن. ان موقعي تي يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن، ملازمن سميت شاگردن جي هڪ وڏي انگ سيمينار ۾ شرڪت ڪيو ۽ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.










