ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ 15 پاڪستاني رانديگرن جا نالا فائنل

ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ 15 پاڪستاني رانديگرن جا نالا فائنل

لاهور (ويب ڊيسڪ)ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي 15 ميمبرن جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 5 فاسٽ بالر، 4 آل رائونڊر، 3 وڪيٽ ڪيپر، 2 بيٽسمين ۽ هڪ اسپنر شامل هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته شاداب خان، وسيم ايوب ۽ عثمان به ٽيم ۾ شامل هوندا. حارث رئوف مڪمل طور تي فٽ آهي ۽ کيس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ به شامل ڪيو ويندو.ذريعن موجب بابر اعظم (ڪپتان)، فخر زمان، محمد رضوان، عثمان خان، اعظم خان، عماد وسيم، شاداب خان، وسيم ايوب ۽ افتخار احمد به اسڪواڊ ۾ هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ابرار احمد، شاهين شاهه آفريدي، محمد عامر، نسيم شاهه، عباس آفريدي به پاڪستاني اسڪواڊ ۾ هوندا جڏهن ته 3 رانديگرن ۾ سلمان علي آغا، حسن علي ۽ عرفان نيازي هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو