ٽيڪس اڳاڙي وڌائڻ تائين ملڪ جي معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعطم انورالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيستائين پاڪستان ۾ ٽيڪس اڳاڙي ۾ واڌ نٿي ٿئي تيستائين ملڪ جي معيشت ٺيڪ نٿي ٿي سگهي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي ڪاروباري برادري موجوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب نگران وزيراعطم انورالحق ڪاڪڙ سان اسلام آباد ايوان واپار ۽ صنعت جي وفد صدر احسن ظفر بختاوري جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي نگران وزيراعطم چيو ته ڪاروباري طبقي جي تجويزن جي آجيان ڪريان ٿو انهن مان عمل جوڳين تجويزن تي عمل ڪرائڻ جي خطري ڪرايان ٿو وزارت جو عهدو سنڀاليندي ئي ڪاروباري برادري سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن مسئلا ٻڌا ڪاروباري برادري موجوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي وزيراعظم چيو ته حڪومت ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي جنهن لاءِ ٽيڪس جو نظام ڊجيٽلائيزڊ ڪيو پيو وڃي. اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان گذريل 48 ڪلاڪن اندر ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي جن جا بهترين نتيجا ملي رهيا آهن هن چيو ته پاڙِسري ملڪن سان واپار وڌائڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ٿي رهيا آهن اسمگلنگ کي ٻنجو ڏيڻ جو پاڙيسري ملڪن جي عملدارن آجيان ڪئي آهي واپارين، ڪارخانيدارن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري ملڪ جي معيشت کي اڃا وڌيڪ سگهارو ڪنداسين بجلي جي شعبي ۾ سڌارا تيز ڪيا پيا وڃن بجلي چورن جي خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي ويندي ملڪ جي مسئلن جي حل لا3 سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ضروري آهي وزارت ڪامرس سڄي ملڪ جي چيمبرز سان باقاعدگي سان تجويزن ۽ مشاورت کي يقيني بڻائي وزيراعطم هدايت ڪئي ته ايف بي آر پوائنٽ آف سيلز جي دائري کي وڌائڻ جي حُالي سان جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل اتاشين جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪيو وڃي سي ٽي ڊي جي نظام ۾ بهتري آندي وڃي ۽ ڪاروباري برادري کي مشاورتي عمل جو حصو بڻايو وڃي سي ڊي اي شهرين کي فراهم ڪئي ويندڙ سموريون سهولتون ۽ لينڊ رڪارڊ کي ڊجيٽلائيزڊ ڪري ملاقات ۾ تاجر برادري نگران وزيراعظم کي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو