گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ)حافظ آباد روڊ تي ٽرڪ ۽ ڪيري ڊبي جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 4 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب، حافظ آباد روڊ تي قلعه ديوان سنگھه جي ويجهو ٽرڪ ۽ ڪيري ڊبي ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا پنج ماڻهو مارجي ويا ۽ چار سخت زخمي ٿيا. فوتين ۾ 3 مرد ۽ 2 عورتون شامل آهن، جن جي سڃاڻپ امجد، جبران، اذان، رخسانه ۽ نسرين جي نالن سان ٿي آهي. حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، لاشن ۽ زخمين کي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو.










