ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي

ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف عدالتي ڪارروائي دوران هڪ شخص عدالت ٻاهران پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آمريڪي اختيارين موجب عدالت ٻاهران پاڻ کي باهه ڏيڻ واري شخص جي سڃاڻپ فلوريڊا سان تعلق رکندڙ 37 ورهين جي ميڪسويل آزاريلو طور ٿي آهي، جنهن جي حالت نازڪ آهي. اختيارين موجب خودڪشي کان اڳ ميڪسويل هڪ پلي ڪارڊ هٿ ڪيو هو جنهن تي لکيل هو ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر جو بائيڊن سان گڏ آهي ۽ هو ٻئي گڏجي فاشزم پکيڙڻ چاهين ٿا. خود سوزيءَ کان اڳ ميڪسويل پمفليٽ به اڇلايا. ٽرمپ تي 2016 ۾ ٽيڪس معاملن بابت ڪيس هلندڙ آهي ۽ جاچ لاءِ 12 رڪني جيوري ۽ 6 متبادل ماهر مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي سومر کان ڪيس ٻڌندا.

پهنجو تبصرو موڪليو