ٽائيفائيڊ کان بچاءُ لاءِ سگا پاران سجاڳي مهم منعقد

قاضي احمد (جاويد جتوئي) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ قاضي احمد پاران ٽائيفائيڊ يا مدي جي بخار بابت آگاهي مهم جي سلسلي ۾ هڪ سڄاڳي مهم جو پروگرام گورنمينٽ ڊگري ڪاليج قاضي احمد ۾ ٿي گذريو. ان موقعي تي حاڪم علي اوٺو، ڊاڪٽر وزير علي لانگاه، ڊاڪٽر سڪندر مري، ڊاڪٽر طاهره اسد آرائين، ڊاڪٽر جمشيد احمد خانزاده ۽ سيڪريٽري صحت سگا  رفيق احمد سرهيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت هن بيماري جي بچاءُ کان ويڪسن پروگرام شروع ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي توهان اسان گڏجي هن مهم کي ڪامياب ڪيون.

اسان پنهنجن گهرن ۾ صفائي جو خاص خيال رکون صاف  پاڻي جواستعمال، هٿن کي صاف رکڻ، جسم جي صفائي جو خاص خيال رکڻ سان ان بيماري کان بچي سگهون ٿا .ان سلسلي ۾ مدي جي بخار (ٽائيفائيڊ) کان بچاءُ واري مهم 18 نومبر کان 30 نومبر تائين هلائي پئي وڃي  ته جيئن  ٻارن کي مدي جي بخار جي جراثيم کان محفوظ رکڻ لاءِ ٽائيفائيڊ جي حفاظتي ويڪسين لڳائي سگهجي. هنن چيو ته صحت کاتي جي  ٽي سي وي ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪري پنهنجو قومي فرض نڀايون اسان جون ننڍڙيون ڪوششون پنهنجي نسلن جي بچاءَ لاءِ وڏا ۽ بهترين نتيجا ڏئي سگهن ٿيون تنهن ڪري صحت جي هن معاملي  تي اچو ته هٿ وڌائي هن مهم کي ڪامياب ڪريون. ان موقعي تي حاڪم علي اوٺي، الھ رکيو ڪوري، شاهنواز ڏاهري، ممتاز خادم ميمڻ، اياز علي چانڊيو، ذوافقار علي عباسي، سگا شاخ پاٽ شريف جي صدر  اعظم ميمڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو