ٻين جي ڪردار ڪشي ڪندڙ پاڻ چور نڪتا،ام رباب

دادو (ن سنڌيار) ام رباب چانڊيو چيو آهي سردار احمد چانڊيو وارا ٻين جي ڪردار ڪشي ڪندا آهن، پر پاڻ چور نڪتا آهن، پي پي ايم پي اي سردار احمد ۽ برهان خان چانڊيو تي نيب ڪرپشن جا ريفرنس داخل ڪيا ۽ سندن ماءُ تي پڻ ريفرنس داخل ٿيڻ وارو آهي، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ظاهر ٿي ويو ته وڏا چور ڪير آهن، هي عوام لاءِ ناسور آهن، سردار چانڊيو وارن اسان کي عدالتن ۾ ٿريٽ ڏنا ۽ هاڻي ميهڙ ۾ اچي اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اڄ به سردار چانڊيو وارن جو وڪيل نه اچڻ ڪري ٻڌڻي ملتوي ٿي آهي، هي هٿ وٺي ڪيس کي دير ڪن پيا، 3 سالن کان اسان انصاف لاءِ پريشان آهيون، اسان کي عدالتن تي اعتماد آهي، ان ڪري هر حاضري تي پيش ٿيون ٿا، ٻئي طرف سردار چانڊيو چيو آهي ته دير اسان نه پر ام رباب وارا ڪري رهيا آهن، ام رباب سپريم ڪورٽ جي ايڇ آر ۾ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني جيڪا عدالت رد ڪئي، هن کان اڳ ام رباب چانڊيو جي پيءُ مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ام رباب چانڊيو، ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران پوليس پاران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي ۽ سردار چانڊيو جي حامي ماڻهن کي روڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو