ٻوڏ متاثرن حقن جي حاصلات لاءِ مختيارڪار ۽ اي سي آفيسن اڳيان ڌرڻو

ٻوڏ متاثرن حقن جي حاصلات لاءِ مختيارڪار ۽ اي سي آفيسن اڳيان ڌرڻو

گمبٽ (ن س) گمبٽ ۾ برساتي پاڻي جي ٻوڏ متاثرن حقن جي حاصلات لاءِ مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ جي آفيسن اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. گمبٽ شھر جي مختلف وارڊن ۽ ڳوٺ لڙھي اڄڻ جي متاثرن منٺار اڄڻ، اسلم اڄڻ، ايڊووڪيٽ امام الدين اڄڻ، رانجھن عرف پپو اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته چوماسي جي مسلسل تيز برساتن سبب اسان جو ڪافي نقصان ٿيو ته ويتر برساتي ٻوڏ جو پاڻي ھٿ سان گمبٽ اماڻيو ويو جنھن سبب شھر جون ڪالونيون ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا، ھن مھل تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنھن ڪري ٻچڙن سميت روڊن جي ڪناري تي ڇپرا ھڻي ويٺا آهيون، ھر وقت نانگ بلائون ۽ وڇون ظاھر ٿين ٿا اسان جون جانيون خطري ۾ آھن. انتظاميه اسان کي ٽينٽ ۽ راشن ناھي ڏنو صرف من پسند ماڻهن کي نوازي رھيا آھن، 16 سالن کان مختيارڪار گمبٽ ۾ ڪرسي تي چنبڙيل آهي، اسان کان ملڪيتن جي سرٽيفڪيٽ جا ٽيڪس جي مد م لکين روپيا ورتا ويندا آهن پر ھينئر ڪو سار به نه ٿو لھي. ھنن چيوته شھر ۽ ڳوٽن مان فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي متاثرن کي مالي امداد ڏني وڃي. چار ڪلاڪ آفيسن اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺل متاثرن سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ڪو به عملدار وٽن نه آيو، جنھن تي شھر جي سڄاڻ ڌرين ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ھزارين سال تھذيب رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ جا ڌڻي ڪنھن کي دانھن ڏين. حڪومت کي گهرجي ته ھنگامي بنيادن تي گمبٽ کھڙا شھرن سميت سوين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ۽ متاثرن کي گھر گھر امداد پھچائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو