ٻه ڄڻا گٽر ۾ ڪري فوت،خانگي مزدور گهرائي ڪم ڪرايوويو،جيڪو غلط آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلستان جوهر ۾ ٻه ڄڻا کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا،حبيب يونيورسٽي اپارٽمينٽ ويجهو گٽر ۾ ڪرڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي،فوت ٿيلن کي ڇيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو،فوتين جي عمر تقريبن 35 کان 45 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي.ٻئي پاسي واٽر بورڊ چيو آهي ته گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ مين هولز جي صفائي دوران دم ڌڙڪڻ سبب 2 مزدور فوت ٿيڻ واري معاملي تي ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تہ گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ واٽر ڪارپوريشن جي سيوريج جي ڪابه لائين بلاڪ نہ ٿي آھي بلڪه گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ رهائشي اپارٽمنٽ جي پنهنجي سسٽم جي گندي پاڻي واري مکيه لائين بلاڪ ٿي ھئي، ترجمان چيو تہ رهائشي اپارٽمنٽ انتظاميہ پاران واٽر ڪارپوريشن کي گندي پاڻي بابت ڪا بہ شڪايت داخل نہ ڪئي ويئي جڏھن تہ اطلاع ملندي ئي واٽر ڪارپوريشن جا عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ھئا ۽ واٽر ڪارپوريشن پنهنجون گاڏيون موڪلي ڪري لائين جي فوري طور تي مڪمل صاف ڪرائي، ترجمان جو چوڻ هو تہ رهائشي اپارٽمينٽ انتظاميا پاران خانگي مزدورن کي گهرائي ڪري ڪم ڪرايو جيڪو غلط عمل آهي ۽ رهائشي اپارٽمنٽ انتظاميا جي غفلت سبب ٻہ معصوم جانيون ضايع ٿي ويون جنھن تي تمام گھڻو افسوس ٿيو آھي، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن پنهنجي مزدورن کي صفائي ۽ سيوريج لائين جي صفائي لاءِ سمورو سامان فراهم ڪري ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو