ٺڪراٺي کي تعلقي جو درجو ڏيو، عوام جو احتجاجي مظاهرو

ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) ٺڪراٺو کي تعلقي جو درجو ڏياري سھولتون ڏيڻ لا۽ سوين شھرين جو احتجاجي مظاھرو زبردست ريلي شھر جي آبادي 50 ھزار کان وڌيڪ آھي پر ان باوجود سرڪاري اسپتال 2 وڳي کانپو۽ بند ٿي وڃي ٿي.  ٺڪراٺي واسي 40 سالن جي مسلسل خاموشي کانپو۽ پنھنجي حقن لا۽ روڊن تي سون جي انگ ۾ نڪري آيا پريس ڪلب آڏو ٺڪراٺو کي تعلقي جو درجو ڏياري سھولتون ڏيڻ لا۽ احتجاجي مظاھرو پريس ڪلب کان سرڪاري اسپتال تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻ صحافين ,استادن, شھرين  ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٺڪراٺو شھر جي آبادي 50 ھزار کان به وڌيڪ آھي ان باوجود ڪابه سھولت موجود ناھي ھنن چيو ته سرڪاري اسپتال 2 وڳي کانپو۽ بند ٿي وڃي ٿي ايمرجنسي واري حالت ۾ مريض علاج لا۽ تڙپندا رھن ٿا پر سرڪاري اسپتال کي اپگريڊ ناھي ڪيو ويو  2011ع ۾ خورشيد شاھ گئس جو افتتاح ڪيو ھو ورھين گذري ويا آھن پر اڃا تائين ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪريون پيا وڌيڪ ھنن چيو ته مشرف دور ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان ڪاليج تعمير ڪرايو ويو ھو جيڪو بحال نه ٿي سگهيو جنھن سبب شاگرد تعليم کان محروم آھن ۽ عملو پڻ مقرر ناھي ٿيو ھنن چيو ته شھر سميت ٻھراڙي جا روڊ مڪمل طور تباھ آھن ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد شاھ تڪ مان چونڊيل خورشيد شاھ ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٺڪراٺو کي تعلقي جو درجو ڏياري اسپتال اپ گريڊ ڪري ٻيون سھولتون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو